تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سيد نور رضوي **

سيد نور رضوي: مشهور اديب ۽ شاعر سيد نور رضويءَ جو پورو نالو، سيد نور علي ولد سيد ارباب علي شاهه آهي. سندس جنم 16 جون 1947ع تي ڳوٺ لڙها، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ٿيو. هن ايم. اي سياسيات تائين تعليم ورتي. هن ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن سنڌي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ شاعري پڻ ڪئي آهي. هيءُ 1976ع کان 1978ع تائين بين الصوبائي رابطن واري کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڪرن شگر مل روهڙيءَ ۾ 1993ع کان 1995ع تائين ڊپٽي جنرل مئنيجر رهي چڪو آهي. هي ضلعي ڪائونسل سکر جو 1989ع کان 1991ع تائين ميمبر، تعلقي ڪائونسل روهڙيءَ جو 1983ع کان 1987ع تائين چيئرمئن، اسپورٽس سب ڪاميٽي ضلعي ڪائونسل سکر جو 1989ع کان 1991ع تائين چيئرمئن به رهيو آهي. پاڻ ڪيترائي دفعا پي. ٽي. وي اسلام آباد تان سنڌ جي نمائندگيءَ طور اردو سنڌي مشاعرن ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آهي. ايران، سعودي عرب، عراق، شام، ٿائلينڊ جا دورا به ڪري چڪو آهي. کيس مڃتا طور بيدل آرٽس ڪائونسل روهڙيءَ طرفان 2001ع ۾ ملينيم اوارڊ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي طرفان 2005ع ۾ بهترين شاعر جو اوارڊ، 2006ع ۾ بيدل آرٽس ڪائونسل طرفان بهترين شاعر جو اوارڊ پڻ مليا اٿ....وڌيڪ پڙهو